SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عالمي پهچ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


عالمي پهچ

Global Reach

گلوبل ريچ

انٽرنيٽ ۽ رابطن جي ٻين جديد سرشتن ذريعي، جڏهن ڪابه ڪمپني يا ادارو پنهنجن گراهڪن سان سڄي دنيا ۾ رابطو ڪرڻ ۽ وٽن نت نئين معلومات پهچائڻ جي صلاحيت حاصل ڪري وٺي ٿو ته ان صورتحال کي ”گلوبل ريچ“ ذريعي بيان ڪيو وڃي ٿو. انٽرنيٽ جي نت نون سرشتن ذريعي نون ماڻهن کي سندن گراهڪن ۾ تبديل ڪري پنهنجي مصنوعات کان آگاهي ڏيڻ سان گڏوگڏ وکرن ۽ قيمتن جي ڏيتي ليتي به ڪاميابيءَ سان ڪري سگهي ٿو. ان عمل سان ڊگهن فاصلن ۾ وقت جي سيڙپ، فون جي ذريعي رابطن ۽ پوسٽ جي جهنجهٽن کان آجو ٿيندي ، گراهڪ سنئون سڌو پنهنجي پسند جي خريداري ڪري سگهندو آهي. اهڙو ڪوبه ادارو جيڪو Global Reach ذريعي پنهنجو سرشتو وڌائڻ گهري ٿو، تنهن لاءِ ضروري آهي ته اهو منڊيءَ ۾ خريداريءَ جي قاعدن، اضافي رابطا ئي معلومات، مناسب اگهن ۽ وکر بابت گهربل تفصيل دلچسپي رکندڙ گراهڪ کي فراهم ڪري. بلڪه ممڪن هجي ته جوڙيل ويب سائيٽ به مختلف زبانن ۾ تيار ڪرايل هجي ۽ اها کولڻ ۾ آسان هجڻ سان گڏ گراهڪ لاءِ موهه جو باعث هجي. بين الاقوامي سطح تي مختلف شعبن ۾ به هي اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، جن مان سفارتڪاري، معيشيت ۽ سماجي حلقا ڪافي اهميت رکن ٿا


Remember Me Also:

حاجت برآري

ث. [حَاجَت + بَر + آوردن = ضرورت پوري ڪرڻ] ڪنهن جي ضرورت پوري ڪرڻ جي حالت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal